زنگيجو خدا بخش فقير

زنگيجو، خدا بخش فقير: خدا بخش فقير زنگيجو، صوفي شاعر روحل فقير جو ٽيون نمبر پٽ هو، اندازي موجب هن 1843ع ڌاري وفات ڪئي. سندس ڪلام مان هڪ اڻپوري ٽيهه اکري ملي آهي، جنهن کي پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته فقير خدا بخش زنگيجو پڻ خاندان جي ٻين شاعرن ۽ فقيرن وانگر قادر ڪلام شاعر هو. سندس ٽيهه اکريءَ جا ’الف‘ کان ’لام‘ تائين 13 بند ملن ٿا، جن مان پهريون، ڏهون، يارهون ۽ ٻارهون بند مخسس (پنجن سٽن) ۽ 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9 ۽ 11 بند مربع (چئن سٽن وارا) آهن. سـندس ٽه حـرفـي، مـرحـوم نـيـاز هـمايونيءَ، ڪتاب ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه‘ (1992ع) ۾ شامل ڪئي آهي. پهريون بند هيٺ ڏجي ٿو:
الله دي ذات اول هي، رنگ نه ڪو بي رنگي،
ڪن فيڪون وچون جڳ جوڙيس، بي رنگ ٿيا رنگي،
ڪٿان ايراني، ڪٿان عراقي، ڪٿان رومي، ڪٿا زنگي،
ڪٿان سُني، ڪٿان شيعا، ڪٿان صوفي، ڪٿان ڀنگي،
’خدا بخش هيڪا حق ڪنون‘، اسان محبت منگي!


هن صفحي کي شيئر ڪريو